اسلام آباد – 28 سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه انتظام آهي ۽ ڪو به ملڪ هڪطرفي طور تي معاهدي کان پاڻ کي جدا نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي واري وفاقي وزير سي??يٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي س??امتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان ج??جو??ه، پرڏيهي س??ڪريٽري، ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ سي??يئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي س??ڪيورٽي فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ