ساهيوال – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عوام جي ڀلائي ۽ قومي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جي من??وب?? سان پاڪستان ۾ حالتون تبديل ٿي وينديون، ترقي جو اهو سفر جاري رهندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ جي 660 ميگاواٽ بجلي جي پهرين يونٽ جي افتتاح کانپو??ِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ موجود پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي عملي شڪل ڏي?? ۾ گهري دلچسپي ورتي. وزيراعظم چيو ته چيني سفير ساراهه ۽ مبارڪباد جو مستحق آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي انجنيئرن ۽ فني ماهرن کي پڻ مبارڪباد ڏني جن 22 مهينن جي گهٽ عرصي ۾ ان من??وب?? کي مڪمل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اهو واقعي پاڪستان جي تاري?? ۾ ??ڪ بي مثال ۽ وڏو من??وب?? آهي جيڪو پنهنجي مقرر مدي کان 6 مهينا اڳ مڪمل ٿيو آهي.
عوام جي ڀلائي ۽ قومي ترقي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais