اسلام آباد – 25 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان جي ويزن موجب ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود گهڻ رخي ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ايندڙ هڪ سال جي عرصي ۾ مختلف تقريبن، ميلن ۽ ادبي ??حفلن تي مشتمل پروگرام جي منظوري ڏني وئي آهي، اها منظوري پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ سياحتي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ ايندڙ هڪ سال ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شفقت جليل، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر لوڪ ورثا شاهده شاهد، اڳوڻي سيڪريٽري ڪامران لاشاري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز