اسلام آباد – 22 مارچ (اي ??ي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ??اڪ ملائيشيا ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا بهتر لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو گڏيل ويزن ۽ خواهش رکن ٿا، گڏجي اڳتي وڌڻ ۾ اسان جي لاءِ ڪيترا??ي امڪان ۽ موقعا آهن، ان سان اسان جي اقتصاديات کي سگهه ملندي، دوري سان نه رڳو دوستاڻا لاڳاپا پر واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطا پڻ مضبوط ٿيندا، تبديلي جي نئين دور مان گذري رهيا آهيون، جيڪو صنعتي انقلاب جو دور آهي، موجوده وقت جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ ضروري آهي. هو ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر عارف علوي پاران پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش