رياض – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان بن عبدالله چيو آهي ته هو شام بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکندا. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شام بابت خاص اي??چي گيئر پيڊرسن سان نيو??ار?? ۾ گڏيل قومن ۾ م??ڪ جي مستقل نمائندي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ م??اقات ڪئي. ملاقات دوران هن چيو ته اسان شام يج وحدت، سالميت، سلامتي، استحڪام ۽ عرب لاڳاپي کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن. ملاقات دوران هن شام بحران جي سياسي حل ۾ اڳڀرائي ۽ جده ۾ ٿيل عرب سربراهي اجلاس جي نتيجن سميت ان سلسلي ۾ م??ڪ ۽ گڏيل قومن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کڑک