ٽوڪيو-02 جنوري (اي پي پي) جاپان ۾ گذريل ڏينهن 7.6 جي شدت جي زلزلي ??بب 30 ماڻهو فوت ٿي ويا. شنهوا مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻُڌايو ته سينٽرل جاپان ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد زلزلي کان پوءِ اشيڪاوا تي پريفيڪچر عمارتون ڪِرڻ ۽ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن. زلزلي ??بب ڪيتريون ئي عمارتون پڻ ڊهي پيون. رستن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ رهائشي علائقن ۾ باهه لڳي و??ي ۽ اٽڪل 36 هزار گهر بجلي جي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن. مشهور سياحتي ماڳ وجيما مارننگ مارڪيٽ جو وڏو علائقو ??اهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، جنهن ??بب 200 عمارتون باهه هيٺ رهيون. جاپان جو سيلف ڊفينس فورس زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب