رياض – 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته غزه تي اس??ائيلي حملا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ اس??ائيلي بمباري سبب متاثر فلسطينين جا مسئلا گهٽائڻ لاءِ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب رياض ۾ اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري اس??ائيلي جاحيت بند ڪرائڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ غزه متاثرن لاءِ فوري انساني امداد جي فراهمي جي اجازت جي حوالي سا?? ٺهرائون منظور ڪرايون آهن. سعودي عرب غزه پٽي ۾ چر پر ڪندڙ ماڻهن جي مسئلن جو بار گهٽائڻ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما هوائي ۽ سا??ونڊي جهازن ذريعي مسلسل موڪلي رهيو آهي. غزه جي 85 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ تي مجبور آهي. اونروز جي رپورٽ مطابق اٽڪل 20 لک فلسطيني بي گهر ٿي ويا. سعودي عرب فلسطيني حڪومت جي سهڪار سا?? انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني ۽ سياسي قدم کڻي رهيو آهي. عوامي امدادي مهم تحت هن وقت تائين 617 ملين ريال کان وڌيڪ جمع ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني متاثرن لاءِ عطيا ڏيندڙن جو انگ 15 لک کان وڌي ويو آهي. سعودي عرب 38 جهازن ۽ 5 سا??ونڊي جهازن ذريعي امدادي سا??ان ۽ 20 ايمبولينسون موڪليون آهن. سا??ونڊي ۽ هوائي رستن ??ان موڪليل امدادي سا??ان جو مجموعي وزن 5112 ٽن تائين پهچي چڪو آهي. شاه سل??ان مرڪز غزه متاثرن جي مدد لاءِ 150 ملين ريال جي خرچ سا?? صحت جي عالمي اداري، ريڊ ڪراس، اونروا ۽ خوراڪ جي عالمي اداري سا?? گڏيل سهڪار جا چار معاهدا ڪيا آهن.
غزه ۾ متاثرن لاءِ سعودي امداد جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : loteria estadual