رياض _12 نومبر (اي پي پي )عرب لي?? جي سيڪريٽ??ي جنرل احمد ابو الغيط اميد ظاهر ڪئي آهي ته ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جلد ئي اڪثريتي ووٽ ذريعي اسرائيل جي ??ڏي?? قومن ۾ رڪنيت مجمند ڪري سگهي ٿي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن سعودي عرب جي گاد?? واري شهر رياض ۾ عرب اسلامڪ غير معمولي سربراهي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪيتريون رياستون اسرائيل جي رڪنيت کي منجمند ڪرڻ جي حمايت ڪنديون ۽ اهو منجمند ڪرڻ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ويزن تحت ناهي . هن چيو ته ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل واحد ڌر آهي جيڪا ميمبرن کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي پر نيڪالي ڏيڻ يا شامل ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ڪري رهي ،اسان (رڪنيت ) منجمند ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ، اسان جلد ئي جنرل اسيمبلي جي اڪثريتي ووٽ ذريعي رڪنيت جي منجمند ٿيڻ جو مشاهدو ڪري سگهون ٿا . اهو اهڙو قدم آهي جيڪو شين کي درست جڳهه تي رکي ٿو .عرب لي?? جي سيڪريٽ??ي جنرل سان گڏ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پڻ موجود هو . شهزاده فيصل بن فرهان چيو ته ٻه رياستي حل هڪ سست موت مري رهيو هو پر غزه تڪرار ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪاروائين سبب هاڻي ان تي عالمي برادري جو اتفاق رائي بڻجي رهيو آهي . هن چيو ته ??ڏي?? قومن جي ميمبرن جي اڪث??يت جيتوڻيڪ دنيا جا وڏا ملڪ به ٻه رياستي حل جي پويان مضبوطي سان بيٺل آهن ،منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪيترن ملڪن فلسطين جي رياست کي تسليم ڪيو ۽ ٻيون اڃان به تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيون آهن . جن ۾ ڪجهه اهم ملڪ به آهن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيل جي رڪنيت منجمند ٿيڻ جو امڪان آهي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ