ماسڪو – 4 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي ۽ اسان ان جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرگئي لاروف ماسڪو ۾ هن??ري جي پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير پيٽرسجارتو سان ملا??ات ڪئي . ملا??ات دوران روس ۽ هن??ري وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سرگئي لاروف چيو ته هن??ري جي انتظاميه پنهنجي مفادن مطابق هڪ آزاداڻي پاليسي تي عمل ڪري رهي آ??ي. ??رگئي لاروف چيو ته يوڪرين جنگ بندي جي بنيادي سبب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ سبب نيٽو جي اوڀر طرف توسيع ڪندي يوڪرين کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش آ??ي. ??هو روس جي سرحدن تي هڪ فوجي خطرو آهي. هن چيو ته يوڪرين ?? جنگ نه ٿيڻ امن جو رستو نا??ي. ??وس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جي امڪانن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جي جائز مفادن تي جامع غور ويچار مطابق يوڪرين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي: روس جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج