اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي تي ان عزم کي ورجائڻو پوندو ته پنهنجي ۽ ايندڙ نسل جي م??تق??ل جي ت??فظ لاءِ هڪ ٿي پاڪستان جي بانين جي نقش قدم تي هلندي اونداهين جو خاتمو ڪنداسين ۽ روشنين کي پنهنجو مقدر بڻائينداسين. صدر اها ڳالهه آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر چيو ته 14 آگسٽ کي اسان پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو هڪ نئين جوش ۽ ولولي سان ملهائي رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان جو اهو جوش ۽ ولولو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جو رستو هموار ڪندو. صدر چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ڪيترين ئي آزمائشن ۾ ورتل رهيو آهي پر قوم پنهنجي ??ڪي عزم سان انهن مشڪلاتن کي منهن ڏنو، پاڪستان حڪومت ملڪ جي مختلف خطن، علائقن ۽ شهرن کي بدامني، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور سياسي عزم سان ڪارروائي جو فيصلو ڪيو جنهن تحت پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن جن??ن جي نتيجي ۾ پاڪستان ?? امن بحال ٿي رهيو آهي.
صدر ممنون حسين جو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ