ڪراچي – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته چارٽرڊ جهازن تي سفر ڪندڙن کي روڊن جي اهميت جو اندازو ناهي، ميٽرو بس کي جنگلا بس چوندڙن کي عوام جي ضرورتن جو خيال ڪونهي ڪو، قومي روڊن ۽ موٽر ??يز اهي شريانيون آهن جن ۾ معيشت جو رت گردش ڪندو آهي. 75 ڪلوميٽر ڪراچي – حيدرآباد موٽر وي جي تعمير ٿيل سيڪ??ن جي افتتاح ڪرڻ واري موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ??ان پشاور تائين خوبصورت ميٽرو موٽر وي ۽ روڊن جو ڄار وڇايو ويندو، وزيراعظم چيو ته روڊن جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ عوام سان تعلق ??روري آهي، 1990ع جو تسلسل برقرار رهي ها ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي موٽر ??يز هجي ها، هن چيو ته موجوده حڪومت انفرااسٽرڪچر سميت تعليم، صحت ۽ بنيادي ??ندگي جي ضرورتن جي فراهمي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته جن ملڪن ترقي ڪئي انهن سڀني کان پهرين انفرااسٽرڪچر تي ڌيان ڏنو.
چارٽرڊ جهازن تي سفر ڪندڙ روڊن جي اهميت ڇا ڄاڻن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز