ڪراچي – 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي لاءِ تعمير ڪيل 600 ٽن ميري ٽائيم پيٽرول ويسل جي افتتاحي تقريب ڪراچي شپ ي??رڊ ۾ ٿي. پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ان موقعي تي خصوصي مهمان هو. اهو اسٽيٽ آف دي آرٽ ڊگهي مقصدن واري جهاز اسٽيل هل ۽ المونيم سپر اسٽرڪچر رکندڙ آهي، ان جي ڊيگهه 68.5 ميٽر ۽ ويڪرائي 8.7 ميٽر آهي ۽ اهو وڌ کان وڌ 27 ناٽ جي رفتار حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو جهاز پاڪستان جي واپاري، بحري حدن ۾ تحفظ، ڳولا ۽ امدادي معاملا انجام ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح ليس آهي. اهو 600 ٽن ميري ٽائيم پيٽرول ويسل چائنا شپ بلڊنگ اينڊ ٽريڊنگ ڪارپوريشن (سي ايس ٽي سي) جي فني تعاون سان تعمير ڪيو پيو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪراچي شپ ي??رڊ، سي ايس ٽي سي ۽ پي ايم ايس اي کي اهو اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته اهو پاڪستان ۽ چين جي سدابهار دوستي جو هڪ ٻ??و تاريخي منصوبو آهي.
ڪراچي ۾ 600 ٽن ميري ٽائيم پيٽرول ويسل جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا