اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري، دو??ت ۽ ڀائر ملڪ آهن جن جي جاگرافيائي، گڏيل قدر ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا ف??اه?? ڪن ٿيون، اسان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ تاريخ جي ڌارا بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ڪيان، پاڪستان ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، دهشتگردي جي ل??نت کي منهن ڏ??ڻ جي ل??ءِ اسان جي هٿياربند فوج خصوصي تجربو ۽ مهارت رکي ٿي جنهن مان اسان جا پاڙيسري ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي سمورن دو??تن کي مخلصاڻي تعاون جي آڇ ڪريون ٿا. 6 ملڪن جي پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي جي اهم ترين دو??ت ۽ ڀائر ملڪن جي اسپيڪرز جي ميزباني منهنجي ل??ءِ خوشي جي ڳالهه آهي. آئون اسلام آباد جي خوبصورت فضائن ۾ دل جي گهرائي سان توهان سڀني جي آجيان ڪريان ٿو.
پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ: صدر
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن