اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، افغانستان ۽ آذربائيجان ڀائر اسلامي ملڪ آهن ۽ انهن سان دوستاڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اقتصادي مفادن تي ٻڌل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۽ آذربائيجان لاءِ نامزد سفيرن سان ڳ??له??ئيندي ڪيو جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير منصور احمد خان سان ڳ??له??ئيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جا افعانستان سان تاريخي دوستاڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته افغانستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ م??جوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ