اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ا??ان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائ?? وئي، کين خبر هئي ته سندن حڪومت نه ايندي ۽ ان جي غلط معاهدن ۽ منصوبن جو نتيجو ايندڙ حڪومت ڀوڳيندي، موجوده حڪومت ان جي غلط پاليسين جو بار عوام تي نه وڌو، اربين روپين جي سبسڊي ڏني پر عوام تي بار نه وڌو، انهن جي غلط پاليسين جو نتيجو ايندڙ سالن ۾ به ڀوڳڻو پوندو، جڏهن انهن کان سوال ڪريون ٿا ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا آهن، ملڪ کي گروي رکي هليا ويا، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، انهن جا جلسا ناڪام ٿي چڪا، اهي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن کان ڊنل آهن، ا??ان انرجي اسٽرڪچر کي تبديل ڪري رهيا آهيون، توانائ?? جي شعبي ۾ نوان ۽ شفاف معاهدا ڪري رهيا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي عمر ايوب خان چيو ته مخالف ڌر جي يادداشت ڪمزور آهي يا وري ا??ي حقيقن کي ڄاڻي واڻي مسخ ڪري رهيا آهن، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ پاور پلانٽس جي ٽرپ ڪرڻ جي ڪري بليڪ آئوٽ ٿيو، ان طرح جو بليڪ آئوٽ اڳوڻي حڪومت ۾ 8 ڀيرا ٿ??و جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳا، ا??ان ٽن ڪلاڪن ۾ وڏن شهرن ۾ بجلي بحال ڪري ڇڏي جڏهن ته 8 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ اهو مسئلو ٿي ويو، ان معامل?? جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ حڪومت پوري نظام جو جائزو وٺندي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 18 ، 19 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ٽرانسمينٽ نه ڪئي، ا??ان اها صلاحيت ساڍا 23 هزار تائين وٺي وياسين، اڳوڻي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين غلط فيول مڪس متعارف ڪرا??و جنهن جو نتيجو نه رڳو ا??ان پر عوام به ڀوڳي رهي آهي، اڳوڻي حڪومت ا??ان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائ?? وئي ڇو ته کين خبر هئي ته ٻيهر سندن حڪومت ناهي اچڻي.
اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي: عمر ايوب خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی