اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پ??ران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها خاطري سيلاني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، س??لاني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان وا??د، س??مان اقبال، امتياز حسين ۽ يوسف لاکاڻي شامل هئا، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب پڻ موجود هو. سيلاني ٽرسٽ وزيراعظم جي احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان پروگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پ??ران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم عمران خان سان سيلاني ٽرسٽ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا