اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سف??ر کي ڪڍڻ ۽ فرا??س سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو مسئلو سمجهن ??ا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سف??ر کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سف??ر کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏج?? اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزادي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪندس، گذريل ه??تي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل ه??تي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.
سفير کي ڪڍڻ ۽ لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل