اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم افغنستان سان سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت فر??هم ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪرڻ لاءِ لنگهه جي فر??همي ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضر??ري آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضر??رت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو ??ست??يد ٿيندو. وزيراعظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيراعظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.
وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر جو ٽيليفون، افعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ