رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي خطرن کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان ماحول جي بهتري لاءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي، آمريڪا آءِ ??ي ايف سي جي ذريعي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آمريڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) سمٽ جي موقعي تي وزيرا??ظم سان هتي ملاقات ڪئي. پاڪستان حڪومت پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيرا??ظم چيو ته ان خطري کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم آمريڪي خصوصي نمائندي کي موسمياتي تبديلي ??ي ڪري پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت پاڪستان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو ايس پاڪستان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. آمريڪا جي خصوصي ايلچي جان ڪيري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آمريڪي انتظاميا پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري وزيرا??ظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي سي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي 26) ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل طور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گهرجي. وزيرا??ظم چيو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (??ي ايف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي امڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آمريڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيرا??ظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري کي عملي طور تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيرا??ظم چيو ته افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي وسيلن ۽ مالياتي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado