اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پنهنجي لا??اپ?? کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمر?? نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيبروري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لا??اپ?? ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لا??اپ?? کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان سريلنڪا لا??اپ?? جو اهم جز ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو سريلنڪن قيادت جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمر?? نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لا??اپ?? تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حم??يت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.
پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری