اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آه?? ته مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آه??. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محم??د قريشي چيو ته اسان جو اتحادين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آه??، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آه??. اتحادين سان اسان جي رابطن ۾ هڪ تسلسل آه?? جڏهن ته مخالف ڌر ان جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريندي رهندي آه??، جڏهن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آه??. هن چيو ته اڄ جيڪڏهن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪري رهي آه?? ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ هنن ق ليگ جي رستي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احتجاج هئا ۽ اسان انهن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقت??ار ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ شاهه محم??د قريشي چيو ته وقتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان صورتحال کي تسلسل جي زاويي سان ڏسون ٿا ته اطمينان ٿيندو آه??.
مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina