لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن ??ائ?? ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آ??ي. ??الاريل ڪشمير ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير مسئلي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائر?? سان گڏ بيٺل آ??ي. ??اڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سمورن عالمي ۽ علائ??ائ?? فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپيڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي والاريل ڪشمير ۾ طاقت جي ا??تع??ال کي بند ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڀارت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ياسين ملڪ سميت ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن حريت اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي: اسپيڪر راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی