جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر لکين پا??ستانين ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ پا??ستان کي عالمي برادري، دوست ملڪن، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن کي معاونت جي ضرورت آهي، پا??ستان پنهنجي عالمي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پا??ستان مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، بدترين ٻوڏ پا??ستان جي ضرورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ مالي ??نجائش گهٽ آهي، پا??ستان کي مختصر ۽ وچولي مدي جي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پا??ستان جي پهرين پلينري سيشن جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پا??ستان ماحولياتي ۽ موسمياتي اثرن، روس – يوڪرين جنگ، عالمي ٻاڙائي ۽ غربت جهڙن مسئلن کي اڳ ۾ ئي منهن ڏئي رهيو هو، انهن حالتن جي ڏس ۾ ملڪ کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو گذريل چوماسي ۾ ڇهوڻ کان وڌيڪ برساتون ٿيون جنهن سان سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد تباهي ۽ نقصان ٿيو، ٻوڏ سان مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 ماڻهو فوت ٿيا، 13 هزار زخمي ٿيا، 30 هزار ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، 440 پليون تباهه ٿيون، 500 ملين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، 2 ملين جي لڳ ڀڳ گهر عارضي يا جزوي طور تي متاثر ٿيا جڏهن ته 10 لک چوپايو مال مري ويو يا گم ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کانپوءِ مهينن تائين پا??ي بيٺل رهيو جنهن سان فصل وقت سر پوکجي نه سگهيا ۽ اسان جي زراعت متاثر ٿي، بيٺل پا??ي جي ڪري اسڪول ۽ اسپتال بند رهيا، مقامي طور تي به رابطو مشڪل رهيو، عارضي پناهگاهن ۾ ماڻهن کي ترسايو ويو جڏهن ته اسپتالن جو ڪم به عارضي طور تي هلائڻو پيو، ٻوڏ سان 22 هزار اسڪول بند ٿيا جنهن سان لکين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي. اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ اسان کي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پا??ستان حڪومت متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي امداد ۽ بحالي ??ي اولين ترجيح ڏني، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فوري طور تي 70 ارب رپين جي هنگامي ڪيش مدد فراهم ڪئي وئي، 8.17 ملين متاثرين کي روڪ امداد ڏني وئي، 2.7 ملين خاندانن کي ڪيش ريليف ۽ ٻي ضروري امداد ڏني وئي آهي ۽ ڏني پئي وڃي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جا ٿورا مڃيندي چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سلسلي ۾ 1.6 ارب ڊالر جي مدد جو اعلان ڪيو جڏهن ته 500 ملين ڊالر جي مدد ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پا??ستان جي لاءِ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پي ڊي ايم اي عالمي ادارن جي تعاون سان جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي ان موجب ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته نئين سر تعيمر ۽ بحالي جي لاءِ پا??ستان کي 16.3 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، پا??ستان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارين جي ذريعي ايندڙ ٽن سالن جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي، ان مان اڌ وسيلا پا??ستان پنهنجي مالياتي نظام جي ذريعي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايندڙ ٽن سالن ۾ اسان کي 8 ارب ڊالر ساليانو جي ضرورت پوندي، دوست ملڪ گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن جي حمايت سان نه رڳو نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن کي فائدو ٿيندو پر پا??ستان جي لاءِ ايتري مالي ??نجائش به نڪري ايندي جنهن سان پا??ستان پنهنجي ٻاهرئين ادائيگين ۽ ٻين عالمي ذميوارين کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پا??ستان تي خراب اثر پيا آهن، ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ پا??ستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر گذريل ٻوڏ وانگر ماحولياتي تبديلين کان متاثر ملڪن ۾ پا??ستان سرفهرست آهي، ان صورتحال ۽ توانائي کاڌي پيتي جي شين جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سماجي استحڪام پا??ستان جي لاءِ هڪ ڳڻتي رکندڙ آهي. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته پا??ستان پنهنجي عالمي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پا??ستان مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ سماجي شعبي تي خرچن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تازي بدترين ٻوڏ پا??ستان جي ضرورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ مالي ??نجائش گهٽ آهي، ان صورتحال جي ڏس ۾ پا??ستان کي عالمي مدد جي ضرورت آهي، اسان کي مختصر ۽ وچولي مدي جي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، دوست ملڪ ۽ ٻطرفا ۽ گهڻ رخا حصيدار ان مشڪل مرحلي ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد اسان جي فوري ضرورت آهي جڏهن ته اسان کي انهن 33 ملين متاثر ماڻهن کي به نظر ۾ رکڻو آهي، ان صورتحال ۾ ڊيٽ سواپ ۽ ٻين مالياتي قدمن جي ذريعي لکين ٻوڏ متاثرين جي امداد جي نيڪ مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پا??ستان ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي بحرانن جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير عالمي برادري جي حمايت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ريزيليئنٽ ريڪوري اسٽريٽجڪ ۾ ٻطرفن حصيدارن، دوست ملڪن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي حمايت تي پڻ پا??ستان انهن سڀني جو ٿورائتو آهي. منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پ??وفيسر احسن اقبال پلينري سيشن کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن کي تازي بدترين ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ پا??ستان ۾ هڪ بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان 33 ملين ماڻهن کي نقصان پهتو. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي 20 پٺتي پيل ضلعن کي نقصان پهتو، ان سان گڏ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن کي به نقصان ٿيو. هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ پا??ستان حڪومت کي 16 ارب ڊالر جي هنگامي بنيادن تي ضرورت آهي. هن چيو ته پا??ستان جي اولين ترجيح ماڻهن جي روزاني جي ضرورتن کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي، ٻارن ۽ عورتن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائي پئي وڃي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر ايڪم اسٽينر پنهنجي خطاب چيو ته ڪورونا کانپوءِ ٻوڏ سان پا??ستان کي معاشي طور تي ڌچڪو لڳو جنهن سان لکين زندگيون متاثر ٿيون. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن کي چيو ته هو هر لحاظ کان پا??ستان کي مدد فراهم ڪن، اسان هن وقت مختلف دور ۾ زندهه آهيون. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پا??ستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، پا??ستان موسمياتي تبديلي جي لپيٽ ۾ ايندڙ 8 ملڪن ۾ شامل آهي.
ٻوڏ کان متاثر لکين پاڪستانين ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري، دوست ملڪن، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن کي معاونت جي ضرورت آهي: وفاقي وزير اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II