اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ??ينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته سينيٽ طرفان آئي?? جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، اڄ درپيش معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ جو سبب هي آهي ته جمهوريت جو سفر اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو، آئين تي ڌاڙو هڻن ۽ ان سان کيڏڻ جي ??جازت ڏيندڙن جا نالا سامهون اچڻ گهرجن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ طرفان آئي?? جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، سينيٽ هائوس آف فيڊريشن ۽ وفاق جو گهر آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پوري قوم کي سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪ??ڻ لاءِ ??هت??ين ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته اجلاس جي پڄاڻي تي سينيٽ ۾ هڪ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. مون هن قرارداد ۾ ترميم ڪ??ڻ لاءِ سينيٽ سيڪريٽري کي پنهنجي ??رميم جمع ڪرائي، هن پنهنجي ??جويز ڪيل ترميم ميڊيا جي نمائندن کي پڙهي ٻڌائي ج??هن ۾ چيو ويو هو ته هي ايوان سمورن فوجي ??مراڻي دور?? جي مذمت ڪري ٿو ج??هن ملڪ جو آئين ٽوڙيو ۽ ان کي معطل ڪيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي ??وام جي ??نيادي حقن تي ڌاڙو هنيو جڏهن ته پنهنجي ??لف کان م??هن موڙيندي آمرن جي ??ير آئيني قدمن جي ??وثيق ڪندڙن جي ??ه مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته هي ڄاڻايل ترميم صرف منهنجي ??يالن نه پر پراڻي ۽ موجوده سينيٽر?? جي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تعداد آئين کي ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ جي ??قدير سان کيڏيندڙن خلاف ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اڄ اسان ج??هن معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ تائين پهتا آهيون هي سڄو ڪجهه ان سبب ٿي رهيو آهي ته جمهوريت جو سفر اڳتي نه وڌڻ ڏنو ويو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سينيٽ کي 50 سال مڪمل ٿي ويا، ا??هن 50 سالن ۾ ضياءُ الحق جي ??ور ۾ سينيٽ ۾ رنڊڪ به آئي، ڪيترن ئي ميمبرن چيو ته ج??هن آئين سازي ڪئي ۽ آئين جي ??حفظ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ا??هن جي ??اراهه ڪرڻ گهرجي ۽ جن ماڻهن آئين کي ٽوڙيو انه?? جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته سينيٽ جي متفقه قرارداد ۾ منهنجي ??رميم شامل نه ڪئي وئي ۽ ان قراداد ۾ ڪيترن ئي ميمبرن جي ??حساسن ۽ جذب?? جي پوري طرح ترجماني ناهي ٿي.
آئين تي ڌاڙو هڻڻ ۽ ان سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندڙن جا نالا سامهون اچڻ گهرجن: سينيٽر عرفان صديقي
مضمون کا ماخذ : ریل رش