اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آ??اد?? ۽ اظهار راءِ جي آ??اد?? تي پڪو يقين ر??ي ٿي، ماضي جي حڪومت صحافين تي بي شمار ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪيا، اسان ڪنهن صحافي جي خلاف انتقامي رويو ناهي رکيو. هو جهنگ پريس ڪلب ۽ جهنگ يونين آف جرنلسٽس جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگ??يب چيو ته 4 سالن ۾ صحافين سان ڪيل زيادتين جو هڪ سال ۾ ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزارت صحافين، ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحافين جون پيشيواراڻيون صلاحيتون وڌائڻ جي لاءِ اطلاعات ??ار?? وزارت ٽريننگ پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته چار سالن جو ڪارو دور ختم ٿي چڪو آهي جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا. هن چيو اميد ڪ??يو?? ٿا ته جهنگ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت اتان جي صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. ان کان اڳ اطلاعات ??ار?? وزير جهنگ پريس ڪلب جي صدر لياقت علي انجم، سيڪريٽري خرم سعيد سميت 11 رڪني باڊي کان حلف ورتو.
حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ