اسلام ??باد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??يڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جي نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. جارجيا ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جا سفير ۽ ٻ??هي ملڪن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻ??هي ملڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪر ڪندي پرڏيهي ??يڪريٽري پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌرين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ باقاعده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو و??و ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس اسلام ??باد ۾ ٿيندو. پرڏيهي ??يڪريٽري جارجيا جي پرڏيهي وزير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقات ڪئي. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻ??هي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هي ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پرڏيهي ??يڪريٽري جارجيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ اقتصاديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي ??يڪريٽري جارجيائي ڪمپنين جي نمائندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ڪاروبار بابت نيٽ ورڪنگ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ جارجيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados