اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ا??ون??و منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 10.4 ڪلوميٽر رستو جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ايندڙن کي هڪ متبادل رستو فراهم ڪندو، اهو رستو سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين هوندو، ان منصوبي تي 2 ارب 69 ڪروڙ 91 لک رپيا لاڳت آئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبل?? جي اڳوڻي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو و??و ته ان منصوب?? جي شروعات جون 2021ع ۾ ڪئي وئي. ڊسمبر 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو و??و، ان منصوبي ۾ شاهه الله ڏتا جي جڳهه تي هڪ انڊر پاس شامل ڪيو و??و جنهن جي ڪري ان جي لاڳت ۽ پڄاڻ?? جي مدي ۾ تبديلي آئي، ان رستي سان جي ٽي روڊ سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين جو سفر گهٽ ٿي ڪجهه منٽ جو رهجي ويو، ان جي ڪري سرينگر هاءِ وي تي ٽريفڪ جو و??ڪرو گهٽ ٿيو، مقامي ليبر ۽ تعميراتي مواد بابت انڊسٽري کي فروغ مليو، ان رستي سان ان علائقي جا ماڻهو به فائدو کڻندا، ان رست?? جي ڀرپاسي ??ي ڊي اي پاران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ان منصوبي جو ماڊل پيش ڪيو و??و.
وزيراعظم پاران مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria