اسلام آباد ??? 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ طوفاني برساتن سان قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران بيجنگ ۾ جاري طوفاني برساتن ۾ قيمتي جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڏکويل خاندانن سا?? گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چي?? گڏيل دوست ۽ حصيدار آهن، جن جون تڪليفون ۽ پريشانيو?? گڏيل آهن. سڄي پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سا?? گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ بيجنگ جي عوام جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria