باڪو -10 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار تنظيم اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع ٿي ويو. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ سطحي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائ?? پرڏيهي ??زير اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27هين ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿيندڙ وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائند??ي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي ??زير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي ??زير اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)جي اجلاس جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان علاوه ترڪيه، ايران، افغانستان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.
پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ