اسلام آباد -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وفاقي وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پيٽرول واري وزير محمد علي، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن اجلاس ۾ توانائي ۽ پيٽروليم واري وزارت طرفان پيش ڪي?? سنگل آئٽم ايجنڊا ??ي غـور ڪي??. توانائي واري وزارت طرفان مختلف ڪي??يگرين لاءِ قدرتي گئس جي وڪري جي اگهه تي نظرثاني جي حوالي سان پيش ڪي?? سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪي?? ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بعد گئس جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين نومبر 2023ع کان ڪي?? ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري ??ي غور ڪي?? ۽ قدرتي گئس جي ق??متن ۾ واڌ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪ??بينه 30 تاريخ تي پنهنجي اجلاس ۾ ان سمري کي نظرثاني لاءِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي اجلاس ۾ قدرتي گئس جي اگهه ۾ ترميم جي منظوري ڏني.
اقتصادي رابطا ڪميٽي گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ