اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ??الر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي، آءِ ايم ايف کان ٻي قسط م??ڻ سان رپئي جي قدر ۽ ادائيگين جي ??وا??ن جي صورتحال مستحڪم ٿيندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ملڪ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي کوٽ جي نتيجي ۾ ناڻي واڌ ۾ اضافي ۽ عوام کي درپيش مالي مشڪلاتن کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير چيو ته فارن ڪرنسي جي اگهن جو دارومدار طلب ۽ پهچ تي آهي، نگران حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ رپئي تي دٻاءُ هو، موجوده حڪومت ڪجهه انتظامي قدم کنيا، پشاور، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هُنڊي حوالا جي غيرقانوني ڪاروبار تي ضابطو آندو ويو. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان خاص طور ??ي ڪرنسي ا??ڪس??ينج ڪمپنين ۾ ڍانچاجاتي سڌارا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿي ويو آهي، قرض جي ٻي قسط م??ڻ سان رپئي جي قدر ۾ بهتري ايندي ۽ ادائيگين جي ??وا??ن جي صورتحال پڻ مستحڪم ٿيندي.
موجوده حڪومت جي دور ۾ انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ بهتري آئي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب