ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصاد?? رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري پڌرائي موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ م??عل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران و??يراعظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران و??يراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي ولي عهد پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضب??ط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نگران و??يراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن.
پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد