اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين ??ي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر نعمان وزير جي قيادت ۾ پاڪس??ان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعمان وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪس??ان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ٻين ??عبن جا صنعتڪار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪس??ان جي معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪومت پنهنجي پاليسين ??ي ذريعي نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي اهي، نگران حڪومت ڪاروبار جي لاءِ م??زو?? ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لاءِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، نگران حڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت قدم کنيا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين ??ي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جاري رکندي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن جي لاءِ ناڻي واري نگران وفاقي وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪس??ان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪس??ان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيل جي صنعت سان واڳيل سمورا مسئلا ت??جي??ي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪس??ان ۾ هي سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي، پاڪس??ان ۾ اسٽيل جي صنعت سان واڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ??خيرن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري کي ت??جي?? ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولت، صنعتڪارن جي مسئلن جي حل، ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن تي نگران وزيراعظم ۽ نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۾ اسٽيل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪس??ان جو چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي سال ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪس??ان ۾ اسٽيل جي سالياني في ڪس کپت 40 ڪلوگرام آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شعبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪس??ان جي اسٽيل صنعت مان ٽيڪس جو ساليانو ڪا??و 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سان ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي اسٽيل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سان ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ اسٽيل جي صنعت جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ