اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين گڏيل قدرن ۽ ترقي ۽ گڏيل خوشحالي ج?? ايجنڊا تحت گڏجي اڳتي وڌندا، سي پيڪ پاڪس??ان جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان هم آهنگ آهي، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جو عظيم منصوبو لاڳاپيل ملڪن ۾ غربت جي خاتمي، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ صحت ۽ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، عالمي معاشرن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ان کان بهتر ماڊل نه ٿو ٿي سگهي، صنعتي پارڪس ۽ برآمدي زونز ۾ چين ??ي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڪس??ان جي سستي ليبر جي مدد سان چيني واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ٽيڪسٽائيل، اسٽيل ۽ ٻين ??عبن ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ پرعزم آهيون. هن اها ڳالهه وزارت عظميٰ جي ٻيو ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي چين ??ي سرڪاري خابرو ايجنسي ”شنهوا“ کي پنهنجي پهرين ??يرملڪي انٽرويو ۾ چئي. چين ??ي صدر شي ج?? پنگ پاران 3 مارچ تي وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي چونڊ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام جي ج??اب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صدر جي شاندار مبارڪباد ۽ پاڪس??ان سان تعاون جاري رکڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ ان جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو نه رڳو اسان جي گڏيل دوستي ۽ پاڪس??ان جي عوام پر گڏيل تعاون جي لاءِ پڻ چيني صدر جي انهن جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، منهنجي لاءِ اها هڪ تمام سٺي شروعات آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ چين ??ي وچ ۾ دوستي 70 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا آزمايل آهن، ٻئي ملڪ ”آئرن برادرز“ آهن ۽ پاڪ چين ??وستي سدائين وقت جي آزمائش تي پورو لٿي آهي، ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هاڻي وڌيڪ بلندين ??ي وڃڻو آهي. چين ۾ جدت ۽ ماڊرنائيزيشن تي روشني وجهندي وزيراعظم اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪس??ان کي ان ماڊل جي پيروي ڪرڻي پوندي، اهو هڪ ڪامياب ماڊل ۽ ڪامياب ڪهاڻي آهي، چين ??ي بصيرت رکندڙ قيادت پنهنجي عوام جي رهنمائي ڪندي بي مثال ترقي ج?? ذريعي ڪروڙين ??وام کي غربت مان ڪڍيو ۽ وسيع تر ڳوٺاڻي آبادي کي تعليم، صحت، طبي خدمتن ۽ روزگار تائين پهچ ڏني. وزيراعظم چيو ته چين ??ي جدت واري ماڊل واڌاري ۽ واڌويجهه جا مرڪز ۽ شعبا قائم ڪيا جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ج?? استعمال جي ذريعي مسابقتي مصنوعات تيار ٿيون. هن چيو ته چئلينجن جي باوجود تازن سالن ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ چين ??ي واڌويجهه ثابت قدم رهي آهي ج??ڪا ذڪر جوڳي ڪاميابي آهي، غربت جي خاتمي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي، ڳوٺاڻي علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي ج?? ڪاروبار جي ج??د شروعات، زراعت ۽ صنعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين پليٽ فارمز جي ترقي ج?? لاءِ پاڪس??ان کي چيني ماڊل جي پيروي ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي ج?? گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو جي گروپ آف فرينڊز ۾ شموليت اختيار ڪئي، پاڪس??ان چين ??ي تجويز ڪيل گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ اسان سمجهون ٿا ته انهن قدمن سان عالمگير ڪميونٽيز جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم چين ??ي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهيو ۽ ان کي بصيرت افروز منصوبو قرار ڏنو جيڪو براعظمن تائين پکڙيل آهي. وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو ملڪن ۾ غربت جي خاتمي، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ صحت ۽ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، عالمي معاشرن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ ان کان بهتر ماڊل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بي آر ئي ج?? اهم منصوبو آهي، پاڪس??ان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، پاڪس??ان چين ??ي جديد ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ زرعي شعبي ۾ چين کي راغب ڪندو ڇو ته چين هاڻي هائي ٽيڪ ۽ اعليٰ معيار جي پيداوار طرف وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪس??ان جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان هم آهنگ آهي، ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد سرخ ڦيٿي ج?? خاتمي ۽ منصوبن ۾ دير ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ آهي، پاڪس??ان صنعتي پارڪس ۽ برآمدي زونز قائم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي جتي اسان چين ??ي جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڪس??ان جي سستي ليبر جي مدد سان چيني واپارين ۽ سيڙپڪارين ??ان گڏ ٽيڪسٽائيل، اسٽيل ۽ ٻين ??عبن ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ پرعزم آهيون، انهن گڏيل منصوبن جي ذريعي زراعت، صنعت ۽ آءِ ٽي وغيره ۾ اعليٰ معيار جون مصنوعات تيار ٿينديون، اسان جي لکين نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ پاڪس??ان جي پيداوار ۽ برآمدات ۾ نمايان اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته عوامي ج??هوريه چين پاڪس??ان جي اقتصادي ترقي ۾ سدائين مددگار رهيو آهي، سي پيڪ اهميت رکندڙ ڪردار ادا ڪيو آهي ج??هن کي اسان دل جي گهراين ??ان ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪس??ان پنهنجي ٽرانسپورٽ جي نظام کي برقي نظام طرف وٺي وڃڻ جي اميد ڪري رهيو آهي ته جيئن درآمدي ٻارڻ ۾ گهٽتائي ج?? صورت ۾ پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪري سگهجي، اهو جديد ٽيڪنالاجي ج?? ذريعي ممڪن ٿيندو جيڪا هن وقت چين ۽ دنيا جي ٻين ??صن ۾ دستياب آهي. چين کي پاڪس??ان جي لاءِ ٻيو گهر قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته هو ممڪن مناسب وقت تي چين ??ي دوري ج?? منتظر آهي، پاڪس??ان جي نئين قيادت جي اها روايت رهي آهي ته چين ??و دورو انهن جي لاءِ فخر جو سبب هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن هر قسم جي حالتن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ چين گڏيل قدرن ۽ ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي ايجنڊا تحت گڏجي اڳتي وڌندا، سي پيڪ پاڪستان جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان هم آهنگ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteios quina