اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب ??ان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطر??ي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار سعودي عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندا?? استقبال تي پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ??ان سعودي عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.
سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جو پرڏيهي وزارت جو دورو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر