اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر اٽلي جي سفير ماريليا آرميلن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اطالوي سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اٽلي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ??ڌل پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سدائين خيرسگالي ۽ اعتماد تي ??ڌل رهيا آهن. هن و??يڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ڪيترن ئي اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي ملندڙ مبارڪباد واري پيغام تي اطالوي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم ايندڙ ڏينهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اٽلي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن وزيراعظم ميلوني جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ انهن پاليسين کي ساراهيو جن اٽلي کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ اٽلي جي ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته ٻئي ملڪ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين. هن سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جي ميزباني ڪرڻ تي اٽلي جا ٿورا مڃيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اطالوي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته اٽلي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.
پاڪستان ۽ اٽلي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري، قانوني لڏپلاڻ سان گڏوگڏ ثقافتي مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ