اسلام آباد – 17 – جولائي (اي ??ي پي) پاڪستان بنون ڪنٽونمينٽ دهشتگرد حملي تي ??فغ??ن ڊپٽي هيڊ آف مشن کي طلب ڪري ??فغ??نستان سان شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، دهشتگرد حملي ۾ ??فغ??نستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گروپ ملوث آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ ??فغ??نستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري کيس 15 جولاءِ 2024ع تي بنون ڪنٽونمينٽ تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي پاڪستان پاران احتجاجي خط ڏنو ويو. حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن شهادت ماڻي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهو دهشتگرد حملو ??فغ??نستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گروپ پاران ڪيو ويو. حافظ گل بهادر گروپ تحريڪ طالبان پاڪستان سان گڏجي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي موت جو ذميوار آهي. احتجاجي خط ۾ چيو ويو آهي ته عبوري ??فغ??ن حڪومت بنون حملي جي جاچ ڪري ۽ ان ۾ ملوث شرپسندن جي خلاف موثر ڪار??وا??ي ڪري ۽ ??فغ??نستان جي سرزمين تان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ حملن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي. پاڪستان ??فغ??نستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي موجودگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان پاڪستان جي سلام??ي کي شديد خطرا درپيش آهن. ترجمان چيو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا پڻ متاثر ٿين ٿا. ترجمان چيو ته بنون ڪنٽونمينٽ حملو هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي سنجيده خطرن جي ياد ڏياري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي خلاف مناسب قدمن جو مطالبو ڪندي پاڪستان جي سلامتي جي خلاف سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران بنون ڪنٽونمينٽ دهشتگرد حملي تي افغانستان سان شديد احتجاج
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار