اسلام ??باد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقو?? چيو آهي، ته 5 آگسٽ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڀارت 2019ع ۾ ان ڏينهن تي غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم کڻي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، جنه?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. 5 آگسٽ تي دنيا آڏو نه رڳو ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو، پر ڪشميرين تي ختم نه ٿيندڙ ظلم پڻ سڀني آڏو واضح ٿيو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته ڪشميري عوام ??ي جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کان خاص حيثيت کسي انسانيت خلاف ڏوهه ۽ ڪشميري قوم جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي. سن??س چوڻ هو ته ڪشميري نوجوانن کي روزانو جعلي مقابلن ۽ هٿ ٺوڪين سرچ آپريشنن ۾ عدالت کان مٿانهان قدم کڻي کين شهيد ڪيو پيو وڃي. ڪشميري قيادت قيد ۾ آهي، هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو کليل جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ڀارت جا سمورا ظلم ان باوجود به ڪشميري?? جي آزادي واري جذبي کي گهٽائي نه سگهيا آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو بحران عالمي برادري جي بي حسي جو نوحو آهي، عالمي برادري کي ڪشميري عوام ??ي آواز تي جاڳڻ?? پوندو، انشالله ڪشميري ڀائر ۽ ڀينرون آزادي جو سج ضرور ڏسندا. محسن نقو?? چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آهي ۽ هر فورم تي سن??ن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي امداد جاري رکندي.
5 آگسٽ ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste