نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن نيويارڪ پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس جي ڊي موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان هاءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمنڊ سان امڪانن خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستاني بينڪرز سان م??اقات پڻ ڪندو ?? انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ، يورپيئن ڪميشن جي صدر ارسلاوون ڊرليئن سان م??اقاتن سان گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عال??ي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪندو جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿيندي. وزيراعظم دوست ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون م??اقاتون ڪندو، برونائي دارالسلام جي سلطان حسن البلقيه پاران برونائي جي گڏيل ??ومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پاران بنگلاديش جي گڏيل ??ومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل ملڪن جي مسئلن، پاڪستان جي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قربانين، عال??ي معاشي نظام ۽ قرضي ملڪن جي مسئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل ??اران معصوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ جي حوالي سان آواز اٿاريندو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن نيويارڪ پهچندو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو