اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، ??ائ??دار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??ائ??دار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي ش??وعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجن?? ۾ ??يندڙ عالمي ??ائ??دار ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ??ائ??دار ترقي جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ??ائ??دار ترقي کي فروغ ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پا??ان کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي فورم کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپورٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي لاءِ ??ائ??دار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳوٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا نمايان بهتري آهي. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو ??ائ??دار ترقي جي فروغ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چيو ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي ??ائ??دار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان جي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي ش??يد نقصان پهچايو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ميمبر ملڪن جي ٽرانسپورٽ انتظاميا جي وچ ۾ ??ائ??دار ٽرانسپورٽ تعاون جو حمايتي آهي.
صدر پاران محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado