اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪو??تي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب ان??قاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستا?? جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبلي ۾ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪو??تي سربراه?? جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب ان??قاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستا?? جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاو?? جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس س?? او جي هدفن ۽ مقصدنکي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي اظهار کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستا?? جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس س?? او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس س?? او سربراهه اجلاس جي ڪامياب ان??قاد سان پاڪستان کي علائقائي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلا??تي جي مسئلن تي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سلا??تي جي مسئلن تي ايس س?? او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترجماني آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس س?? او) سمٽ جي ڪامياب ان??قاد جي لاءِ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ايس س?? او ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي خوبصور??ي سان سجائڻ، مهمان?? جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستا?? جي وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ سمورن حڪو??تي ادار?? جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان ايس س?? او سمٽ ۾ مهمان?? جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انه?? جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو. بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنه?? جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي پاران ايس سي او اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد واري قرارداد متفقه طور تي منظور
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔