اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ??ينيٽر اعظم نذير ??ارڙ 26 هين آئيني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري ک??نپ??ءِ 26 هين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي. سينيٽ چيئرمين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان ک??نپ??ءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي منظوري ک??نپ??ءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 26 هين آئيني ترميم شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي وفاقي وزير ??عظم نذير ??ارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي منظور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي شق وار منظوري دوران ڪنهن به م??مبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان ک??نپ??ءِ سينيٽ چيئرمين بل جي شق واري منظوري ک??نپ??ءِ بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کان اڳ هال جا دروازا بند ڪيا ويا، سينيٽ چيئرمين ٻه م??ٽ گهنٽيون وڄائڻ جي ه??ايت ڪئي، جنهن ک??نپ??ءِ هال جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين آئيني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي ه??ايت ڪئي. ان ک??نپ??ءِ سينيٽ چيئرمين ڳڻپ ڪرائڻ جي ه??ايت ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.
سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش