اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? آهي ته پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ جاري بيان ۾ چي?? ته پاڪستان جو قانوني نظام عالمي انساني حقن جي قانون سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چي?? ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرثاني به موجود آهي جنهن ۾ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. ترجمان چي?? ته اهو فيصلو پاڪستان جي پا??ليامينٽ جي بنايل قانون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ڪيا ويا آهن. هن چي?? ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ۽ ن??يجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چي?? ته اسان جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ بنيادي عالمي انساني حقن جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون، اسان ب??ا ڪنهن فرق ۽ ٻٽي معيار جي عالمي انساني حقن جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين سميت پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان ڳالهيون جاري رکنداسين.
پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج