نيويارڪ-08 نومبر (??ي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش دردمنداڻي اپيل ڪئي آهي ته غزه ۾ ڦ??ٿل ۽ بک جو شڪار 23 لک کان وڌيڪ فلسطينين کي طبي سامان، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ لائٽنگ سهولتن جي فراهمي لاءِ جنگ بندي ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن ج??ري بيان ۾ هن چيو ته غزه ۾ شهرين جي مارجڻ ۽ مسلسل ٿيل انساني تباهي جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، اهو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، هن چيو ته غزه ۾ انساني همدردي جي بنيادن تي جنگ بندي ڪئي وڃي ته جيئن هتي ڦ??ٿل لکين ماڻهن کي علاج ۽ خوراڪ جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هوڏانهن گڏيل قومن جي صحت و??ري اد??ري جي ترجمان ڪرسچن لنڊ مير چيو ته غزه ۾ هر ڏينهن بدتر??ن لڳي ٿو، هن التجا ڪئي ته ڦ??ٿل شهر??ن تائين پهچ لاءِ جنگ بندي ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته غزه ۾ موت ۽ مشڪلاتن جي سطح جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، مقامي صحت و??ري وزارت جي انگن اکرن موجب غزه ۾ روزاني سراسري 160 ٻار ماريا وڃن ٿا ۽ مجموعي فوتگيون 10000 کان ٽپي ويون آهن جڏهن ته اسرائيلي بمب??ري ۾ به تيزي اچي وئي آهي ۽ زم??ن تي فوجي ڪارروايون بنا روڪ ٽوڪ ج??ري آهن، لنڊ ميئر چيو ته هاڻي جنهن شيءَ جي ضرورت آهي اها انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ شهري آبادي سان گڏوگڏ يرغمالين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پهچ آهي، ان مقصد لاءِ سفارتي ڪوششون ج??ري آهن. هن زنده رهندڙن لاءِ پاڻي، خوراڪ ۽ صحت جي سارسنڀال تائين محفوظ پهچ جي ضرورت تي زور ڀريو.
گڏيل قومن پاران غزه جي ڦاٿل ۽ بک جو شڪار 23 لک شهرين لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا