جڪارتا – 11 ج??وري (اي پي پي) انڊونيشيا جي ٻرندڙ جبل ليووٽوبي لاڪي ۾ ڌماڪا جاري آهن جنهن سبب علائقي ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ ماڻ??ن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. انڊونيشيا جي وولڪانو ڊسڪوري سائٽ مطاب?? ليووٽوبي لاڪي ٻرندڙ جبل مان نڪرندڙ لاوو ۽ رک ڪيترائي ميٽر بلندي تائين وڃي رهيو آهي. ڌماڪا شروع ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ چوٿين يعني بلند ترين درجي جو الارم ڏنو ويو آهي. ٻرندڙ جبل هن وقت تائين فعال آهي ۽ علائقي جي رهائشين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ليووٽوبي لاڪي ۾ ٻرندڙ جبل جا ڌماڪا پهرين جنوري تي شروع ٿيا ۽ هن وقت تائين 1172 رهائشين کي علائقي مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو