بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ه??نگ ڪ??نگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب ه??نگ ڪ??نگ جي قانونساز ڪائونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياستي رازن جي چوري، جاسوسي ۽ پ??ڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪاررواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس چيو آهي ته قانون جي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ اهي اختلاف راءِ جو اظهار ڪندڙن کانسواءِ صحافين ۽ انساني حقن جي علمبردارن کي هروڀرو نشانو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس چيو ته ان طرح جي اهم قانون کي مڪمل غور ۽ فڪر لاءِ گهربل وقت ڏيڻ کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ ه??نگ ڪ??نگ ۾ انساني حقن جي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت چيو ته هي قانون ه??نگ ڪ??نگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزادي، ميڙاڪي جي حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جاري راتاهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت ه??نگ ڪ??نگ جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو بنيادي انساني حقن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين چيو ته هي قانون ه??نگ ڪ??نگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تنظيمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania