رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي بدعنواني جي روڪٿام واري اٿارٽي نزاها ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن بابت آفيس 20 ملين ڊالرن سان رياض اينٽي ڪرپشن پليٽ فارم قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن. پليٽ فارم بدعنواني جي روڪٿام سان لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گلوبل آپريشنز نيٽ ورڪ وچ ۾ معلوما?? جي ڏي وٺ ڪندو. معاهدي تي صحيحيون ڪندڙن ۾ مملڪ?? جي نمائندگي ڪنٽرول اينڊ اينٽي ڪرپشن اٿارٽي ??و سربراهه مازن الکموس ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن واري آفيس پاران ا??گز??ڪيوٽو ڊائريڪٽر گاده ولي ڪئي. مازن الکموس وضاحت ڪئي ته هي معاهدو بدعنواني خلاف گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي ضرورت مطابق بدعنواني جي روڪٿام سان لاڳاپيل ايجنسين وچ ۾ سڌي رابطي ۽ سهڪار جي طريقيڪار جي ڪمزوري سبب انهن ملڪن کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪندو. هن چيو ته ان پليٽ فارم جي قائم ڪرڻ سان سعودي عرب جي حمايت مملڪ?? جي ان شعور جي تصديق ڪري ٿي ته بدعنواني هڪ سرحد پار ڏوهه آهي. ۽ اهو ته ويجهي عالمي سهڪار کان سواءِ بدعنوان ماڻهن ۽ انهن جي پيسن جي محفوظ پناهگاهه کي محدود ڪرڻ ناممڪن ناهي.
سعودي عرب ۽ گڏيل قومن ۾ اينٽي ڪرپشن پليٽ فارم قائم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا