هنوئي-21 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ جنگ جي ميدان ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا پر ائين ممڪن ناهي، جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي وي?? ته اسان سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هن پنهنجي ويٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چي?? ته اولهه کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته روس کي شڪست ڏيڻ ان جي عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين جنگ ??بب اولهندي ملڪن سان روس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چي?? ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنه?? به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي ميدان جنگ ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. روس لاءِ ان جو مطلب روسي رياست جو خاتمو آهي. ان جو مطلب روسي رياست جي هزار سالن جي تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو ممڪن ناه??. ر??سي صدر اعتراف ڪي?? ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت ڪنه?? به تڪراري جي پوري انسانيت لاءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ڪي?? ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئجي وي?? ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : números dupla sena