گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي نائب نمائندي دمتري پوليانسڪي چيو آھي ته اسرائيل امن جي ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ ۽ غزه ?? پنھنجي حقيقي ڏوهه کي دنيا ک??ن لڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل سان خطاب ۾ روسي نمائندي اسرائيلي حڪومت تي الزام لڳايو ته ھو ضد سان گڏ فوجي مسئلي جو حل ڳولهي ڪري رھيو آھي ۽ غزه ?? جاري پنھنجي فوجي ڪارروائين جي حوالي سان گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي فيصلن کي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته سل??متي ڪائونسل ۽ اسرائيلي عوام ٻئي ان ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ته غزه ?? جاري جنگ جو حل صرف ڳالھين سان ئي ممڪن آھي جڏھن ته بدقسمتي سان اسرائيلي قيادت ڳالھين کي عالمي برادري جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ اسموڪ اسڪرين جي طور تي استعمال ڪري رھيو آھي. ڏکڻ غزه ?? ھڪ سرنگهه ما?? 6 مغوين، جن ۾ ھڪ روسي شھري پڻ موجود ھو، جا لاش ملڻ جو ذڪر ڪندي ھن مغوين جي فوت ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته غزه ?? اسرائيلي آپريشن دوران مغوين جي زنده بچڻ جا امڪان گھٽ آھن. ان موقعي تي سل??متي ڪائونسل سان خطاب ۾ گڏيل قومن جي اختيارين سمورن مغوين جي آزادي ۽ غزه ?? فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
اسرائيل امن ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي: روس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج