گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو چيو آهي ته مرڪزي غزه ۾ سندس نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن مان هڪ تي اسرائي??ي فضائ?? حملن ۾ هن جا 6 ملازم ش??يد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري اکين ڏٺن ??اه??ن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيل?? حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 18 آهي. ان اسڪول کي اسرائيل پنجون ڀيرو حملن جو نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يو اين آر ڊبليو اي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪنهن هڪ واقعي ۾ اسان جي عملي جون سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل اسڪول اندر حملن جي منصوبابندي ڪندڙ دهشتگردن تي نشانو بڻايو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن انهن سمورن اسرائي??ي فضائ?? حملن جي مذمت ڪئي آهي جن ۾ عام ش??رين کي نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ جيڪي گڏيل قومن جي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻائين ٿا.
اسرائيل جا غزه ۾ اسڪول تي فضائي حملا، گڏيل قومن جي 6 اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں